سورة تڪوير

سورة تڪوير : قرآن مجيد جي 81 سورت. هن سورت ۾ 29 آيتون آهن. هي سورت ابتدائي مڪي زماني سان تعلق رکي ٿي. هن سورت جا ٻه موضوع آهن، هڪ آخرت ۽ ٻيو رسالت. پهرين ڇهن آيتن ۾ قيامت جي پهرين مرحلي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن سج بي نور ٿي ويندو، تارا ٽڙپکڙ ٿي ويندا، جبل اکڙي ويندا، جڏهن ماڻهن کي مال متاع جو هوش نه رهندو، جھنگلي جانور بدحواس ٿي هڪ جاءِ جمع ٿي ويندا، سمنڊ اٿلي پوندا. وري ٻين ستن آيتن ۾ ٻئي مرحلي جو ذڪر فرمايل آهي ته جسمن ۾ نئين سري کان روح وڌو ويندو، اعمال نامه کوليا ويندا، ظالمن جي بازپرس ٿيندي، آسمان جا پردا هٽايا ويندا، دوزخ ۽ جنت جون سڀ شيون اکين جي آڏو آنديون وينديون ۽ هر انسان کي خبر پئجي ويندي ته هو دنيا مان ڇا کڻي آيو آهي. ان کان پوءِ رسالت جو مضمون بيان ڪيل آهي. جنهن ۾ مڪي وارن کي چيو ويو ته توهان جو رفيق (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) مجنون ڪونهي. نه ئي هن کي ڪو شيطان وسوسو وڌو اٿس. پاڻ خدا جو موڪليل نبي آهي، جنهن خدا جي هستيءَ کي ويجھو کان ڏٺو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو